ڀارتي پوليس باحجاب عورتن کي لٺيون وهائي ڪڍيون، ويڊيو وائرل

ڀارت ۾ مسلمان شاگردياڻين طرفان تعليمي ادارن ۾ حجاب پائڻ تي پيدا ٿيل تڪرار سنگين نوعيت اختيار ڪندو پيو وڃي ۽ هندو انتهاپسندن طرفان اڪيلي شاگردياڻي کي ڪاليج ۾ هراسان ڪرڻ جي واقعي کانپوءِ هاڻ ڀارتي پوليس به باحجاب عورتن خلاف رڻ ٻاري ڏنو.

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ باحجاب مسلم شاگردياڻي مسڪان جي هندو انتهاپسندن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ويڊيو سامهون آئي هئي ۽ حجاب تي پابندي جو معاملو هاڻ ڀارت جي ٻين رياستن ۾ به پهچي ويو، جڏهن ته ان حوالي سان ڪيس ڀارتي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب پوليس طرفان حجاب تي پابندي خلاف احتجاج ڪندڙ عورتن تي تشدد جو واقعو اتر پرديش جي شهر غازي آباد ۾ پيش آيو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار روڊ تي حجاب جي حق ۾ احتجاج ڪندڙ عورتن وٽ اچن ٿا ۽ ڪجهه به چوڻ بنا مٿن لٺين سان تشدد شروع ٿا ڪن.

Read Previous

بل گيٽس پاڪستان پهتو، وزيراعظم سان ملاقات

Read Next

روس دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيو آهي: نيٽو

Most Popular