روس دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيو آهي: نيٽو

اولهه دفاعي اتحاد نيٽو چيو آهي ته روس طرفان يوڪرائني سرحد تان فوجي دستن جي واپسي جا اعلان رڳو دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ آهن.

نيٽو موجب دعوائن جي ابتڙ روس وڌيڪ 7 هزار فوجي يوڪرائني سرحد تي پهچايا آهن.

واضح رهي ته روس طرفان هلندڙ هفتي جي شروعات تي اهڙا اشارا ڏنا ويا هئا ته اهي يوڪرائني سرحد تان ڪجهه فوجي دستا واپس گهرائي رهيا آهن.

نيٽو جي سيڪريٽري جنرل زينس اشٽولٽن برگ روس طرفان معاملي جي سفارتي حل جي خواهش جي آجيان ڪئي آهي پر گڏوگڏ هن چيو ته روس اڃا تائين يوڪرائني سرحد تان فوجي دستن جي واپسي جو ڪو عملي اشارو ناهي ڏنو.

Read Previous

ڀارتي پوليس باحجاب عورتن کي لٺيون وهائي ڪڍيون، ويڊيو وائرل

Read Next

انسٽاگرام زبردست فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Most Popular