انسٽاگرام زبردست فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

انسٽاگرام پنهنجي واهپيدارن لاءِ هڪ زبردست فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.

انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ اسٽوريز تي رد عمل جو اظهار ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي. انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ پرائيويٽ اسٽوري لائيڪ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان فيچر ذريعي واهپيدار سڌي ريت پيغام موڪلڻ کانسواءِ اسٽوري تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪري سگھي ٿو. انسٽاگرام ان اسٽوريز شيئر ڪرڻ جا آپشن به ڏئي ڇڏيا آهن.

اپ ڊيٽ جي حوالي سان انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري جو چوڻ هو ته اڄ کان اوهان سڌي ريت پيغام موڪلڻ کانسواءِ به ماڻهن جي اسٽوريز کي پسند ڪري ڪجهه لکي سگھو ٿا، اسٽوريز تي لائڪس پرائيويٽ هوندا آهن.

Read Previous

روس دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيو آهي: نيٽو

Read Next

بابر اعظم تي ڪاوڙ ڪرڻ تي مداح وسيم اڪرم تي ڏمرجي پيا

Most Popular