پ پ پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز (پيڪا) قانون عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان پيڪا قانون کي رد ڪيون ٿا، 17 فيبروري تي سينيٽ اجلاس هو ۽ 18 فيبروري تي آرڊيننس پيش ڪيو ويو، اهي قانون ٺاهي پنهنجي مخالفن کي ڊيڄارڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته ڊريڪونين قانون ٺاهي ميڊيا تي پابندي لڳائڻ چاهين ٿا، جن قانون ٺاهيو آهي، اهو اڳ ۾ انهن تي ئي لاڳو ٿيندو.