واٽر بورڊ ڪراچي جي ميئر جي ماتحت هوندو، سنڌ ڪابينا جي منظوري

سنڌ ڪابينا ميئر ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي واٽر بورڊ چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو ۽ اهم منظوريون ڏنيون ويون.

ترجمان ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ ميئر ڪراچي کي واٽر بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ميئر ڪراچي کي ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي جي گورننگ باڊيز جو ميمبر بڻائڻ جي به منظوري ڏني وئي.

سنڌ ڪابينا صوبي جي سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرز کي ٽائون ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪميٽي ۾ ميئر ڪي ايم سي، ٽائون ۽ يوسي جا نمائندا به شامل هوندا.

ترجمان موجب اجلاس ۾ پروونشل فنانس ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري به ڏني وئي.

Read Previous

برطانوي راڻي الزبٿ ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

پ پ جو پيڪا قانون عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

Most Popular