واٽس ايپ جي سڀني گروپن ۾ هڪ ئي وقت پيغام موڪلڻ ممڪن

پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دنيا جي مشهور ترين ايپ واٽس ايپ، گروپ چيٽ جي حوالي سان هڪ بهترين فيچر کي آزمائشي طور تي متعارف ڪرائي ڇڏيو.

رپورٽ موجب نئين فيچر جو نالو ”ڪميونٽيز“ آهي جنهن جي ذريعي مختلف گروپن کي گڏ آپريٽ ڪرڻ جي سهولت هوندي.

واهپيدارن ڪميونٽيز فيچر ۾ هڪ کان وڌيڪ گروپن کي ايڊ ڪري سگھندا جنهن کان پوءِ امڪاني طور تي ايڊمن يا گروپ ۾ پيغام موڪلڻ جي پهچ رکڻ وارا ميمبر هڪ ئي وقت سڀني گروپن ۾ ميسيج ڪري سگھندا. ان قسدم سان گڏ سڀني گروپن کي هينڊل ڪرڻ ۾ پريشاني ختم ڪئي ويندي.

ڪمپني ان فيچر تي گذريل سال کان ڪم شروع ڪيو ۽ هاڻ ان کي آزمائشي طور تي متعارف ڪرايو ويو آحي نئين سهولت جي تصوير به منظر عام تي اچي چڪي آهي.

فيچر جي تصوير ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته واهپيدارن کي ٻه آپشنز ڏنا ويا آهن هڪ ۾ موجود گروپن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جڏهن ته ٻئي ۾ سڀني گروپن کي گڏ پيغام موڪلڻ جي سهولت آهي.

واضح رهي ته چيٽ بابت ان نئين فيچر بابت وڌيڪ ڄاڻ سامهون نائي آئي پرد امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته اها سهولت جلد سڀني واهپيدارن کي فراهم ڪئي ويندي.

Read Previous

ٺل جي رهواسين کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سهوليت نه ملي سگهي،شهرين جي احتجاجي تحريڪ هلندڙ

Read Next

آسٽريليا پاڪستان دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular