ٺل جي رهواسين کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سهوليت نه ملي سگهي،شهرين جي احتجاجي تحريڪ هلندڙ

ٺل(رپورٽر خير محمد گولو)ٺل جي رهواسين کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سهوليت نه ملي سگهي،شهرين جي احتجاجي تحريڪ هلندڙ ،چونڊيل نمائندن کي جونءَ به چڪ نه پاتو،پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو، سخت نعريبازي،پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو،خبر موجب ٺل ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي،2012ع ۾ منظور ٿيل 58 ڪروڙ 57 لک روپين جي لڳت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ ڪرپشن ٿيڻ ۽ ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري ٺل جا شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن،ٺل شهر جا رهواسي پئسن عيوض مٺو پاڻي خريد ڪري رهيا آهن،ٺل جي شهرين پاران پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ هلندڙ آهي پر افسوس جو چونڊيل نمائندن ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي ،وفاقي وزير محمد ميان سومري احتجاجن جو نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه وري ڪڏھن احتجاجي ڪئمپ اچڻ جي زحمت ڪئي آهي،ٺل جي شهرين پاران“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”احتجاجي تحريڪ هلندڙ آهي،ڪالهه جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر،پلي ڪارڊ هئا،جنهن تي پاڻي جي لاءِ مختلف نعرا لکيل هئا.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امير علي ٿيٻو،جبار اسلامي،رئيس جمال الدين جوش ٻرڙو،سرواڻ لاشاري،غلام حسين ڪنراڻي،ظفر لاشاري،گل حسن ٻرڙو،اصغر لاشاري،آدرش سنڌي ۽ ٻين چيو ته 2012ع ۾ منظور ٿيل پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم اٺ سال گذري وڃڻ جي باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي،58 ڪروڙ 57 لک روپين جي لاڳت سان منظور ٿيل اسڪيم ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي پر افسوس جو هن مهل تائين اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، افسوس جو ٺل جي شھرين کان علاوهه تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن جا هزارين ماڻھو زهريلو پاڻي پيئڻ سبب ڪيترن ئي مهلڪ مرضن جي ور چڙھيل آھن، اڳواڻن چيو ته مٺي پاڻي لاءِ احتجاجن سان گڏ اسان نيب،اينٽي ڪرپشن ،ايف آءِ اي،سنڌ ھاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي اسيمبلي آڏو ڌرڻا هڻنداسين، اسان شھرين سان عهد ڪري نڪتا آھيون ته جيستائين شھر واسين کي مٺو پاڻي نه ملندو،ايستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. اسان پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت پ پ پ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته ٺل واسين کي مٺي پاڻي جي اسڪيم مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسڪيم ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪري ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي،ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

پي ٽي آءِ اڳواڻ پاران شهباز شريف ۽ جهانگير ترين ۾ ڳجهي ملاقات جي تصديق

Read Next

واٽس ايپ جي سڀني گروپن ۾ هڪ ئي وقت پيغام موڪلڻ ممڪن

Most Popular