آسٽريليا پاڪستان دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان دوري لاءِ 16 رڪني وائيٽ بال اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب اسڪواڊ جي اڳواڻي ايرون فنچ ڪندو، جڏهن ته شين ايبٽ، ايشٽن ايگر، جيسن بهرنڊورف، ايليڪس ڪيري، نيٿن ايلس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ان کانسواءِ ڪيمرون گرين، ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، مارنس لبوشين، مچل مارش، بين ميڪڊرمٽ، ڪين رچرڊسن، اسٽيو سمٿ، مارڪس اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا به شامل آهن.

ڊيوڊ وارنر، گلين ميڪسويل، مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ وائيٽ بال اسڪواڊ ۾ شامل ناهن.

Read Previous

واٽس ايپ جي سڀني گروپن ۾ هڪ ئي وقت پيغام موڪلڻ ممڪن

Read Next

اوپو خاموشي سان سستو سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

Most Popular