يوڪرين سان ڇڪتاڻ، آمريڪا جو روسي ادارن ۽ شخصيتن تي پابندي جو اعلان

يوڪرين سان ڇڪتاڻ تي آمريڪا جي صدر جوبائيڊن روس جي ڪيترن ئي ادارن ۽ شخصيتن تي مالي پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته پابنديون رسو جي يوڪرين تي حملي جي شروعات آهن، روس سان جنگ جو ڪو به ارادو ناهي پر آمريڪا ۽ ان جا اتحادي نيٽو حدن جي هر انچ جو دفاع ڪندا.

هن چيو ته روس طرفان يوڪرين جو هڪ وڏو حصو ڌار ڪرڻ جو اعلان، روسي حملي جي شروعات آهي، يوڪرين کي دفاعي هٿيارن جي فراهمي جاري رکنداسين.

ٻي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن روسي هم منصب سرگئي لائوروف سان شيڊيول ملاقات رد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته روس طرفان جنگ جي اعلان کان پوءِ ملاقات جو ڪو به مقصد نه آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جو چوڻ آهي ته يوڪرين تي حملو نه ٿيو ته آمريڪي ۽ روسي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ايندڙ هفتي ملاقات ٿيندي.

برطانيا ۽ يورپين يونين کان پوءِ ڪينيڊا ۽ جاپان به روس جي خلاف پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪا ۽ يوڪرين جرمني طرفان روس سان گيس جي فراهمي جي منصوبي نورڊ اسٽريم 2 کي روڪڻ جي قدمن جي آجيان ڪئي وئي آهي جڏهن ته چين لاڳاپيل ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جومشورو ڏنو آهي.

Read Previous

شاهنواز جو جشن اوور ٿي ويندو آهي، راند تي ڌيان ڏئي: آفريدي ڏاهاڻي تي ڪاوڙجي پيو

Read Next

حڪومتي ميمبرن کي بي اعتمادي رٿ تي راضي ڪرڻ لاءِ پيسن جي آڇ ڪئي پئي وڃي: فواد چوڌري

Most Popular