حڪومتي ميمبرن کي بي اعتمادي رٿ تي راضي ڪرڻ لاءِ پيسن جي آڇ ڪئي پئي وڃي: فواد چوڌري

اطلاعات بابات وفاقي وزير فواد چوڌري اپوزيشن کي چيلينج ڏنو آهي ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ بي اعمادي جي رٿ آڻي خبر پئجي ويندي.

فواد چوڌري اپوزيشن تي حڪومتي ميمبرن کي بي اعتمادي جي رٿ تي راضِي ڪرڻ لاءِ پيسن جي آڇ جو الزام لڳايو آهي.

ان کانسواءِ حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بي اعتمادي جي رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ صلاح مشورو ڪيو ويو.

واضح رهي ته اپوزيشن طرفان حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي معاملي تي ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ مارچ جي ٻئين هفتي ۾ جمع ڪرائي ويندي.

Read Previous

يوڪرين سان ڇڪتاڻ، آمريڪا جو روسي ادارن ۽ شخصيتن تي پابندي جو اعلان

Read Next

سياسي جماعتون چاهين ته سوشل ميڊيا ٺيڪ ٿي ويندي: جسٽس اطهر من الله

Most Popular