شاهنواز جو جشن اوور ٿي ويندو آهي، راند تي ڌيان ڏئي: آفريدي ڏاهاڻي تي ڪاوڙجي پيو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي فاسٽ بالر شاهنواز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ شاهد آفريدي پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي بابت ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال گذرڻ کانپوءِ به ڏاهاڻي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ناهي آئي.

هن چيو ته نسيم شاهه ۽ شاهنواز ڏاهاڻي اهڙا ٻه رانديگر آهن، جيڪي قومي ٽيم لاءِ 4 کان 5 ٽور ڪري چڪا آهن پر ان باوجود شاهنواز گذريل هڪ سال کان پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ناهي ڪئي.

اڳوڻي ڪپتان شاهنواز ڏاهاڻي جي جشن ملهائڻ جي انداز تي ڳالهائيندي چيو ته ڏاهاڻي جي سيليبريشن اوور ٿي ويندي آهي، کيس گهرجي ته راند تي ڌيان ڏئي، اهي سڀ شيون تڏهن سٺيون لڳنديون آهن جڏهن توهان جي پرفارمنس سٺي هجي.

شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته مان ڏاهاڻي مان خوش ناهيان، کيس گهرجي ته پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي ۽ مون کي اميد آهي ته هو آڻيندو.

Read Previous

جسٽن بيبر ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

يوڪرين سان ڇڪتاڻ، آمريڪا جو روسي ادارن ۽ شخصيتن تي پابندي جو اعلان

Most Popular