جهانگير ترين تحريڪ انصاف ۾ ئي آهي: شبلي فراز

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته جهانگير ترين تحريڪ انصاف ۾ ئي آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اسان لاءِ ڪا به پريشاني جي ڳالهه ناهي، اسان به رابطا ڪنداسين، اهو نٿو ٿي سگھي ته اسان گھر ويٺا رهون.

هن چيو ته جهانگير ترين اسان جي پارٽي ۾ آهي، ڪنهن سان رابطو ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر هاڻ اپوزيسن جي سياست مڪمل طور تي دفن ٿي چڪي آهي.

Read Previous

روس جي يوڪرين تي ٻئي ڏينهن به بمباري، پهرين ڏينهن 137 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

شاهد آفريدي به شاهنواز ڏاهاڻي جي تعريف بنا نه رهي سگهيو

Most Popular