شاهد آفريدي به شاهنواز ڏاهاڻي جي تعريف بنا نه رهي سگهيو

ملتان سلطانز جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان تنقيد ڪندڙ شاهد آفريدي کي به تعريف تي مجبور ڪري ڇڏيو.

تازو هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته هڪ سال گذارڻ باوجود ڏاهاڻي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ناهي آئي، مان ڏاهاڻي مان خوش ناهيان، هن جو جشن اوور ٿي ويندو آهي، اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٺهندو جڏهن توهان جي ڪارڪردگي بهتر هجي، ڏاهاڻي کي راند تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ گهرجي، مون کي اميد آهي ته هو ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻيندو.

شاهد آفريدي جي تنقيد کانپوءِ شاهنواز ڏاهاڻي ڪواليفائر ميچ ۾ لاهور قلندرز خلاف بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 اوورن ۾ رڳو 19 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته هڪ شاندار ڪيچ به پڪڙيو، جنهن عيوض کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

ڏاهاڻي جي اهڙي ڪارڪردگي کانپوءِ جتي ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو ۽ هر ڪو سندس تعريف ڪرڻ لڳو، اتي ئي شاهد آفريدي به سندس واکاڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ ٽوئيٽر تي لکيو ته ڏاهاڻي کي اهڙي يقين نه ڪرڻ جوڳي صلاحيت پيش ڪندي ڏسي خوشي ٿي، جيڪا هن گذريل سال پيش ڪئي هئي.

Read Previous

جهانگير ترين تحريڪ انصاف ۾ ئي آهي: شبلي فراز

Read Next

دپيڪا پڊڪون، سلمان خان جي آڇ ٿڏڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular