دپيڪا پڊڪون، سلمان خان جي آڇ ٿڏڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڀارت جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ڀارتي سپر اسٽار سلمان خان سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي دپيڪا پڊڪون چيو ته سلمان خان پهريون شخص هو، جنهن مون کي بالي ووڊ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر مون ان کان انڪار ڪيو.

هن چيو ته منهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات ۾ سلمان خان منهنجي ماڊلنگ کي ڏٺو ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر مان فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هيس، سلمان خان کي منهنجي اداڪاري جي صلاحيت جو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن مون کي خبر نه هئي ته مان اداڪاري ڪري سگھان ٿي، مان هميشه سلمان خان جي شڪرگذار رهندس، جو مون کي بالي ووڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ فلمن جي آڇ ڪئي.

سندس موجب اهو هڪ اتفاق آهي ته سلمان خان جي آڇ جي 2 سالن کانپوءِ مون شاهه رخ خان جي فلم ”اوم شانتي اوم“ سان بالي ووڊ ۾ قدم رکيو.

Read Previous

شاهد آفريدي به شاهنواز ڏاهاڻي جي تعريف بنا نه رهي سگهيو

Read Next

مراد سعيد، ريحام خان خلاف وڏو قدم کڻي ورتو

Most Popular