مراد سعيد، ريحام خان خلاف وڏو قدم کڻي ورتو

وفاقي وزير مراد سعيد وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو.

مراد سعيد ريحام خان کي قانوني نوٽيس موڪليو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تازو ئي مراد سعيد جي وزارت کي پهريون نمبر مليو، 88 ڏنل هدف سئو سيڪڙو حاصل ڪري مواصلات واري وزارت پهرئين نمبر تي آئي، ڪجهه ڏينهن اڳ توهان جي مسودي جو حوالو ڏئي مواصلات واري وزارت جي ڪارڪردگي کي تڪراري بڻايو ويو، جنهن سان درخواست ڪندڙ جي ساک متاثر ٿيڻ سان گڏ وزارت سان لاڳاپيل اهلڪارن جي به حوصلا شڪني ٿي.

نوٽيس موجب مراد سعيد جي سڀني ڪاميابين کي تڪراري بڻائڻ لاءِ توهان جي تحرير جو حوالو ڏئي الزام تراشي ۽ ڪِريل پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، توهان جي نالي سان اڳ هڪ مسودو ليڪ ٿيو، جنهن جي اڄ تائين توهان ترديد نه ڪئي ۽ پوءِ شايع ڪيل مسودي جو حوالو ڏئي مراد سعيد تي تهمت هنئي وئي، توهان 14 ڏينهن اندر پنهنجي تحرير جي وضاحت ڪري معافي گهرو يا وري قانوني ڪارروائي لاءِ تيار ٿي وڃو.

نوٽيس سان گڏ مختلف ٽي وي پروگرام، تقريرون ۽ سوشل ميڊيا پوسٽون به اٽيج ڪيون ويون آهن، انهن جي وضاحت گهري وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته انهن سڀني الزامن ۾ توهان جي تحرير جو نه رڳو حوالو آهي پر توهان  اسڪوريٽويٽ به ڪنديون رهيون آهن، 14 ڏينهن ۾ وضاحت ۽ معافي نه گهرڻ جي صورت ۾ عدالت کان سخت سزا ۽ هڪ ارب ڏنڊ جي درخواست ڪئي ويندي.

Read Previous

دپيڪا پڊڪون، سلمان خان جي آڇ ٿڏڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

وڪيل زال ۽ ٻن مهينن جي ڌيءَ سوڌو قتل

Most Popular