پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وڏو ڏينهن، آسٽريلوي ٽيم 24 ورهين کانپوءِ دوري تي پهچي وئي

آسٽريليا جي فل اسٽرينٿ ڪرڪيٽ ٽيم 24 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي پهچي وئي.

پيٽ ڪمنز جي قيادت ۾ آسٽريلين ٽيم اسلام آباد پهتي، جتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين مهمان رانديگرن جي آجيان ڪئي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان به سوشل ميڊيا تي پيٽ ڪمنز جي هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ هو اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيو آهي.

Read Previous

روسي فوج يوڪريني شهر خارڪيف ۾ داخل، حملن ۾ تيزي

Read Next

پ پ جو لانگ مارچ شروع، اسلام آباد پهچي حڪومت تي حملو ڪنداسين: بلاول

Most Popular