پ پ جو لانگ مارچ شروع، اسلام آباد پهچي حڪومت تي حملو ڪنداسين: بلاول

پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت خلاف ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار کان لانگ مارچ جي شروعات ڪري ڇڏي.

پ پ وفاقي حڪومت خلاف لانگ مارچ جي شروعات ڪري ڇڏي، جيڪو 10 ڏينهن ۾ 34 شهرن کان ٿيندو اسلام آباد پهچندو، ان حوالي سان هزارين ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ قائد اعظم جي مزار پهتا، کين پ پ جا جهنڊا کنيل هئا، جڏهن ته اهي پ پ جي حق ۽ وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي به ڪري رهيا هئا.

ان موقعي تي پارٽي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيازي کي ڀڄائي جمهوري نظام آڻينداسين، عمران خان جي حڪومت ڪرپٽ ترين حڪومت آهي، جنهن ڪرپشن ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر هن حڪومت ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن.

Read Previous

پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وڏو ڏينهن، آسٽريلوي ٽيم 24 ورهين کانپوءِ دوري تي پهچي وئي

Read Next

آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو: آءِ ايس پي آر

Most Popular