روسي فوج يوڪريني شهر خارڪيف ۾ داخل، حملن ۾ تيزي

يوڪريني اختيارين چيو آهي ته روسي عسڪري گاڏيون اتر اوڀر يوڪريني شهر خارڪيف جي روڊن تي نظر اچي رهيون آهن.

هڪ يوڪريني حڪومتي عهديدار طرفان جاري ڪيل ويڊيو ۾ ڪجهه فوجي گاڏيون نظر اچي رهيون آهن، جڏهن ته هڪ سڙندڙ ٽئنڪ به نظر اچي رهي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب روس طرفان يوڪرين تي حملن ۾ تيزيءَ جي هڪ نئين لهر ڏٺي پئي وڃي.

يوڪرين طرفان سخت مزاحمت کانپوءِ هاڻ روس ايئر فيلڊز، ٻارڻ وارين جاين ۽ ٻين هنڌن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي هڪ ويڊيو پيغام ۾ مطالبو ڪيو آهي ته روس جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل رڪنيت ختم ڪرڻ گهرجي.

آچر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته يوڪرين تي روسي حملا نسل ڪشي جي زمري ۾ اچن ٿا، روس عام شهرين ۽ ملڪيتن کي هدف بڻائي رهيو آهي.

Read Previous

وڪيل زال ۽ ٻن مهينن جي ڌيءَ سوڌو قتل

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وڏو ڏينهن، آسٽريلوي ٽيم 24 ورهين کانپوءِ دوري تي پهچي وئي

Most Popular