آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو: آءِ ايس پي آر

ڊي جي آءِ ايس پي آر پاڪستان جي ڀارت خلاف آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي ٽوئيٽر پيغام جاري ڪيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ چيو ته اڄ آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن، آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ ۾ پاڪستان ڀارت جي ناڪام جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو هو، پاڪ فضائيا طرفان ڀارت جا ٻه جنگي جهاز ڪيرائڻ وڏي ڪاميابي هئي، پاڪ بحريا سمنڊ ۾ ڀارتي آبدوز جو پتو لڳايو.پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو پيشيوراڻي انداز ۾ اثرائتو جواب ڏنو، هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، قوم جو عزم ۽ هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي تياري ڪاميابي جي ڪنجي آهي، جارحيت جي جواب ۾ رڳو هٿيار ۽ انگ نه پر قوم جو عزم ۽ هٿياربند فوج جون آپريشنل تياريون ڪامياب رهنديون آهن، پاڪستان زنده آباد.

Read Previous

پ پ جو لانگ مارچ شروع، اسلام آباد پهچي حڪومت تي حملو ڪنداسين: بلاول

Read Next

اڳوڻي مس يوڪرين به ملڪ جي دفاع لاءِ هٿيار کڻي ورتا

Most Popular