پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ کي ڀڄائڻ ۽ پاڪستان کي بچائڻ جو وقت اچي ويو آهي.
پ پ جو وفاقي حڪومت خلاف ”عوامي مارچ“ اسلام آباد ڏانهن روان دوان آهن، لانگ مارچ اڄ ٻئي ڏينهن ٽنڊي محمد خان کان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي.
عوامي لانگ مارچ حيدرآباد پهچڻ تي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته اسان عوام کي حق ڏيارڻ جي مقصد ۽ جدوجهد لاءِ نڪتا آهيون، انشاءَ الله جي مارچ ڪامياب رهندو.