وزيراعظم اڄ پيٽرول 10 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان ڪندو: پرويز خٽڪ

بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ قوم سان خطاب ۾ پيٽرول 10 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان ڪندو.

نوشهرا ۾ تقريب سان خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته عالمي سطح تي پيٽرول سستو نه پيو ملي پر اڍائي سئو ارب رپيا حڪومت ڏيندي، جنهن سان پيٽرول جي قيمت گهٽ ٿيندي ۽ 4 مهينن تائين پيٽرول مهانگو نه ٿيندو.

هن چيو ته جيڪڏهن عالمي سطح تي بهتري آئي ۽ پيٽرول سستو ٿيو ته پوءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي اچي ويندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ به 5 رپيا گهٽتائي جو اعلان ٿي ويندو.

واضح رهي ته پرويز خٽڪ جي اهڙي دعويٰ کانپوءِ نيپرا اڄ ئي بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 94 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني آهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٽيون اهم اعلان اهو هوندو ته بيروزگار بي اي پاس ماڻهن کي ماهوار 10 کان 20 هزار رپيا ڏنا ويندا.

Read Previous

وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات

Read Next

حڪومت مخالف مارچ ۾ شريڪ شيري رحمان وڏي حادثي کان ذري تان بچي وئي

Most Popular