بالي ووڊ جي سنهڙي ۽ من موهڻي اداڪارا سارا علي خان ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري پاڻ مڃايو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته فلمن ۾ انٽري کان اڳ هوءَ ٿلهي هوندي هئي ۽ سندس وزن تقريبن سئو ڪلو گرام جي برابر هو.هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو هو ته جڏهن هو مشهور نه هوندي هئي ته سندس وزن 100 ڪلوگرام تائين وڌي ويو هو ۽ پوءِ جڏهن هن بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ جو سوچيو ته کيس وزن گهٽائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پئي هئي.