عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي، ڪرسي ڇڏي لنڊن ڀڄڻ وارو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي  وئي آهي، هو ڪرسي ڇڏڻ کانپوءِ لنڊن ڀڄڻ وارو آهي.

گهوٽڪي ۾ عوامي ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀني صوبن جو عوام هن وقت تڪليف ۾ آهي، هر شخص جي زندگي مشڪل بڻائي وئي آهي، تبديلي جو نعرو تباهي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، هي نئون نه مهانگو پاڪستان آهي.

هن چيو ته حڪومت ووٽن سان ٺهي ها ته ان کي احساس به هجي ها، امپائر جي آڱر سان ٺهيل حڪومت ٺهي ته ان کي عوام جي پرواهه ناهي هوندي، تبديلي آڻيندڙ تبديلي جي نالي تي بحران پيدا ڪيو، هٿ ٺوڪيو عوام ڏانهن نه امپائر ڏانهن ڏسندو آهي.

Read Previous

ام رباب پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل

Read Next

روس، يوڪرين سان امن ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ تيار

Most Popular