ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بولڊ تصوير جاري ڪري مداحن کي تنقيد جو موقعو ڏئي ڇڏيو.
آمنا الياس سوشل ميڊيا تي پنهنجون تصويرون جاري ڪندي رهندي آهي، هن ڀيري هوءَ بڪني پائي پاڻي ۾ وهنجدي تصوير پوسٽ ڪرڻ کانپوءِ تنقيد جو نشانو بڻي آهي.
تصوير جي ڪيپشن ۾ اداڪارا ڪولمبو جو هيش ٽيگ استعمال ڪيو، جنهن سان واضح ٿئي ٿو ته اها تصوير سريلنڪا جي شهر ڪولمبو جي آهي.