آفريدي، ڏاهاڻي کي پاڻ جهڙو ڪامياب ڪرڪيٽر ڏسڻ لاءِ دعاڳو

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڪجهه ڏينهن اڳ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي جشن ملهائڻ تي تنقيد ڪئي هئي، ان کانپوءِ لاهور قلندرز خلاف شاندار ڪارڪردگي تي هن شاهنواز ڏاهاڻي جي تعريف پڻ ڪئي هئي.

شاهد آفريدي جو نجي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ کيس ڏاهاڻي بابت چيل ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

انٽرويو ۾ ميزبان طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ شاهنواز جي ڀاءَ مخمور علي جي ٽوئيٽ جو ذڪر ڪيو ويو، جنهن ۾ هن چيو هو ته منهنجي ماءُ کي ڪرڪيٽ جي الف ب جي به خبر ناهي پر جڏهن توهان کان ڏاهاڻي جي ڪرڪيٽ جي حوالي سان سوال ڪيو ته هوءَ چوندي منهنجو پٽ آفريدي وانگر ڪرڪيٽ کيڏندو آهي ۽ مان سدائين دعا ڪندي آهيان ته الله ان کي آفريدي وانگر ڪامياب ڪري، ڇو ته هوءَ ڪرڪيٽ ۾ رڳو آفريدي کي ئي سڃاڻيندي آهي.

Read Previous

آمنا الياس بولڊ تصوير جاري ڪري ڇڏي، مداحن جي تنقيد

Read Next

حڪومت جو گهيرو تنگ، نواز شريف به بي اعتمادي تي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو

Most Popular