پاڪستان ڪلڀوشن جي وڪيل لاءِ ڀارت کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل ڪرڻ لاءِ ڀارتي حڪومت کي انساني همدردي جي بنياد تي هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو.

ڪلڀوشن ياديو کي حڪومتي وڪيل فراهم ڪرڻ لاءِ قانون واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ ڪئي.

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ان معاملي تي ڪو ايڪٽ به پاس ٿي ويو آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل خاجد جاويد خان ٻڌايو ته جي، ڊسمبر ۾ ان معاملي تي ايڪٽ منظور ٿيو، ايڪٽ موجب پرڏيهي بابت اهڙي درخواست قانون واري وزارت داخل ڪري سگهي ٿي.

عدالت چيو ته ڀارت کي هڪ ٻيو موقعي ڏئي ٿا ڏسون، شايد اها ڪلڀوشن کي انسان سمجهي فيصلو ڪري.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارت کي ڪلڀوشن لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪندي ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

حڪومت جو گهيرو تنگ، نواز شريف به بي اعتمادي تي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو

Read Next

اڳتي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسان کي نه چئجو: شيخ رشيد جي ڀارت کي وارننگ

Most Popular