اڳتي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسان کي نه چئجو: شيخ رشيد جي ڀارت کي وارننگ

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت اسان جي پاڻين ۾ ايندو ته پوءِ ڪنهن به قسم جي ميار نه ڏئي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڀارت پاڪستان جي اونهي پاڻين ۾ پنجون ڀيرو مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، گذريل سال ڪوشش ڪئي ته پڪڙي وئي پر ماريو نه ويو.

هن چيو ته اسان پرامن قوم آهيون، تنهن ڪري  ڀارت کي وارننگ ڏئي ڇڏي ڏنو هو، ڪالهه به اسان انهن کي تنبيهه ڪئي پر شئي جو هڪ وقت هوندو آهي، ”انف ازانف“ اسان جي طرفان آخري وارننگ هئي ۽ جيڪڏهن هاڻ ڀارت اسان جي پاڻين ۾ آيو ته پوءِ ميار نه ڏئي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي فوج عظيم آهي ۽ اسان جي بحريا جو عظيم جذبو آهي، ڪير به پاڪستان جي زميني، سامونڊي ۽ فضائي حدن ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.

Read Previous

پاڪستان ڪلڀوشن جي وڪيل لاءِ ڀارت کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو

Read Next

استعيفيٰ ڏيو نه ته اسان توهان جو بندوبست ڪنداسين: بلاول جو وزيراعظم کي الٽيميٽم

Most Popular