استعيفيٰ ڏيو نه ته اسان توهان جو بندوبست ڪنداسين: بلاول جو وزيراعظم کي الٽيميٽم

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي استعيفيٰ لاءِ 5 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي.

بهاولپور جي تعلقي احمدپور شرقيه ۾ لانگ مارچ سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم کي چئون ٿا 5 ڏينهن اندر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، عوام گڏ هجي ته دنيا جي ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي، ساهيوال پهچڻ کان اڳ خوشخبري ايندي.

هن چيو ته عمران خان! اسيمبلي ٽوڙيو ۽ اسان جو مقابلو ڪيو، جيڪڏهن توهان پاڻ استعيفيٰ نٿا ڏيو ته اسان اسلام آباد اچي توهان جو بندوبست ڪنداسين، بي اعتمادي رٿ آڻينداسين ۽ توهان کي هٽائي رهنداسين، 5 ڏينهن کانپوءِ اسان جا نمبر پورا ٿي چڪا هوندا، ايوان ۾ هر ايم اين اي بي اعتمادي رٿ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندو.

سندس چوڻ هو ته اسان نالائق، ناجائز حڪومت کي هٽائڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسلام آباد ۾ هٿ ٺوڪئي سان مقابلو ڪنداسين، اپوزيشن جماعتن کي بي اعتمادي رٿ تي ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومتي اتحادين کي به هٿ ٺوڪئي جو ساٿ نه ڏيڻ گهرجي، پاڪستان جو عوام به هٿ ٺوڪئي سان گڏ ناهي.

Read Previous

اڳتي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسان کي نه چئجو: شيخ رشيد جي ڀارت کي وارننگ

Read Next

يوڪريني صدر روسي فوجين کي وڏي ڌمڪي ڇڏي

Most Popular