يوڪريني صدر روسي فوجين کي وڏي ڌمڪي ڇڏي

يوڪريني صدر ولودومير زيلنسڪي روسي فوجين کي ملڪ مان نڪرڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو.

پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ يوڪريني صدر چيو آهي ته روسين کي پاڻ به ناهي خبر ته اهي يوڪرين ۾ ڇو موجود آهن، اسان جا فوجي ۽ بارڊر گارڊ اسان جا محافظ آهن، ايتري تائين جو هڪ معمولي هاري به روز روسي فوجين کي پڪڙي رهيو آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته يوڪرين تي حملي کانپوءِ هال تائين 9 هزار روسي فوجي مارجي چڪا آهن.

ولودومير زيلنسڪي روسي فوجين کي خبردار ڪندي چيو ته اهي اسان جي ملڪ مان نڪري وڃو، ڇو ته يوڪرين توهان جي لاشن کي دفنائڻ نٿو چاهي، توهان کي هتي سڪون نه ملندو رڳو مزاحمت ملندي، اهڙي مزاحمت جيڪا سڄي زندگي ياد رکندئو.

Read Previous

استعيفيٰ ڏيو نه ته اسان توهان جو بندوبست ڪنداسين: بلاول جو وزيراعظم کي الٽيميٽم

Read Next

واٽس ايپ وائيس رڪارڊنگ کي وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو

Most Popular