واٽس ايپ وائيس رڪارڊنگ کي وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو

واٽس ايپ دنيا جي مقبول ترين ميسيجنگ ايپليڪيشنآهي جنهن جي واهپيدارن جو انگ 2 ارب کان وڌيڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو واٽس اپ نون فيچرز تي ڪم ڪندو رهي ٿو.

اوهان به واٽس اسپتال ڪيوٿا ته وائيس نوٽ فيچرز بابر ڄاڻيندا هوندا ۽ هاڻي ڪمپني ان کي وڌيڪ سولو بڻائي ڇڏيو آهي.

وائيس نوٽ سان اوهان کي هڪ آڊيو پيغام فوري موڪلڻ ۾ مدد ملندي آهي پر رڪارڊنگ ۾ ڪا غلطي ٿئي ته ان کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻو پوندو آهي.

پر هاڻي اهو تبديل ٿيڻ وارو آهي ۽ واٽس ايپ طرفان هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن کي وائيس نوٽ جي رڪارڊنگ روڪڻ ۽ وري ٻيهر جاري ڪرڻ جي سهولت ڏيندو.

اهڙي ريت واهپيدار کي جيڪڏهن ڪجهه رڪارڊ ڪرڻ بعد غلطي جو احساس ٿئي ته ٻيهر مڪمل رڪارڊنگ بدران ان کي روڪي سگهبو.

اينڊرائيڊ لاءِ ايپ جي بيٽا ورزن ۾ وائيس رڪارڊنگ لاءِ پوز پلي بٽڻ جي واڌ ڪئي وئي آهي.

Read Previous

يوڪريني صدر روسي فوجين کي وڏي ڌمڪي ڇڏي

Read Next

خيرپور :نئين مسلمان ٿيل پير ڳوٺ واسڻ عورت مسمات حوا پنهنجي ٻارڙن سميت پريس ڪلب خيرپور اڳيان بااثر جوابدارن خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular