خيرپور :نئين مسلمان ٿيل پير ڳوٺ واسڻ عورت مسمات حوا پنهنجي ٻارڙن سميت پريس ڪلب خيرپور اڳيان بااثر جوابدارن خلاف احتجاج ڪندي

خيرپور (رپورٽ:رانجهن شيخ ) نئين مسلمان ٿيل پير ڳوٺ واسڻ عورت مسمات حوا پنهنجي ٻارڙن سميت پريس ڪلب خيرپور اڳيان بااثر جوابدارن خلاف احتجاج ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته ھن ھڪ ھفتو اڳ درگاهه پير ڳوٺ ۾ پنهنجي چئن ٻارڙن وحيد، سعيد، درياء خان ۽ صائمه سميت اسلام قبول ڪيو آهي جنهن بعد اوڏ برادري جا بااثر ماڻهو راحب اوڏ، سڌير اوڏ، عجيب اوڏ، نجيب اوڏ ۽ نويد اوڏ جان جا ويري ٿي پيا آهن مون کي ۽ منهنجي ٻارڙن کي قتل ڪرڻ لاءِ ڪڍ پئجي ويا آهن جنهن سبب اسان در پڌري واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آھيون، مسمات حوا وڌيڪ چيو ته مان غريب آهيان منهنجي مڙس راحب اوڏ مون کي 10 مھينا اڳ طلاق ڏني ھئي، ھاڻي ان سان منھنجو ڪوبه واسطو نه آهي ۽ مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو آهي ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

واٽس ايپ وائيس رڪارڊنگ کي وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو

Read Next

پشاور: جمعي جي نماز دوران مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 56 ڄڻا شهيد

Most Popular