اسمارٽ فون عورتن جي خوبصورتي جو دشمن

برطانوي ماهرن جو چوڻ آهي ته عورتن جي هٿن ۾ موجود اسمارٽ فون سندن ئي خوبصورتي جو دشمن آهي.

جيڪڏهن اوهان وڌندڙ عمر سبب چهري تي پوندڙ گهنجن کان پريشان آهيو ته هاڻي سمجهو اوهان جي پريشاني حل ٿي وئي آهي، ڇو ته چهري تان گهنج ختم ڪرڻ جا ڪجهه حيرت جوڳا طريقا آزمائي سگهجن ٿا.

جديد تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته چهري تي گهنج پوڻ جو سبب عمر ۾ واڌ يا ميڪ اپ جي وڌيڪ استعمال کانسواءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي.

برطانوي ماهرن جو چوڻ آهي ته جديد موبائل فون عورتن جي چهري تي گهنجن جو سبب بڻجي رهيا آهن.

رپورٽ موجب 18 مهينن جي تحقيق کانپوءِ ثابت ٿيو آهي ته عورتن جي سونهن جو سڀ کان وڏو دشمن اسمارٽ فون آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ننڍي اسڪرين کي دير تائين ڏسڻ سان ڇڪ پيدا ٿئي ٿي، چهري جي چمڙي ۾ تبديلي اچي ٿي، خاص طور تي ڀريون ڇڪجن ٿيون ۽ پوءِ سموري چهري تي اثر پوي ٿو.

لنڊن جي مشهور بيوٽي ​​ٿراپسٽ نڪولا جوز جو چوڻ آهي ته گذريل ڏيڍ سال ۾ هن وٽ ڪيتريون ئي ڇوڪريون آيون، جيڪي ننڍي عمر ۾ ئي چهري تي گهنج پوڻ سبب پريشان هيون.

هن چيو ته هن ڇوڪرين کان انهن جي مصروفيتن ۽ عادتن جا تفصيل گڏ ڪيا ويا ۽ نتيجو سندن فون هلائڻ جو رد عمل نڪتو.

ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي ماهرن به تصديق ڪئي ته ننڍي اسڪرين تي گهڻو وقت ڏسڻ سان اهو ردعمل يقيني آهي.

Read Previous

وزيراعظم پنهنجي صلاحڪارن کي محتاط رکي: پرويز الاهي

Read Next

حيدرآباد ۾ فري جرنلسٽ فائونڊيشن طرفان يوٿ ڪانفرنس ۽ رول ماڊل يوٿ گرلس ايوارڊ جي تقريب

Most Popular