حيدرآباد ۾ فري جرنلسٽ فائونڊيشن طرفان يوٿ ڪانفرنس ۽ رول ماڊل يوٿ گرلس ايوارڊ جي تقريب

حيدرآباد (رپورٽر مظھر علي جمالي) حيدرآباد ۾ فري جرنلسٽ فائونڊيشن طرفان يوٿ ڪانفرنس ۽ رول ماڊل يوٿ گرلس ايوارڊ جي تقريب مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي. اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ جي سھڪار سان ٿيل پروگرام ۾ ايف جي ايف جي چيئرمين رئوف چانڊيو آجياڻو ڏنو… يوٿ ڪانفرنس کي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سائيٽ منور علي مھيسر، صوفي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين منشي، پرائيويٽ انسٽيٽويشنز سنڌ جي رجسٽرار رفيا جاويد، سيف جي ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد نواب ظفر علي ۽ ٻين خطاب ڪيو.. .. ڪانفرنس ۾ رفيا جاويد، شائستا کوسو، ، ،حرا رشيد، رڌا ٽالپر، سونيا ميمڻ،صدف صغير ، ڊاڪٽر شمائلا ميمڻ ،ماريا ظفر، منزا خان ، شمع ڪيريو ،عظما ڪمبوھ، ، نسيم حسن مستوئي، اقصا ڪلھوڙو ،صائما آغا۽ ٻين کي رول ماڊل ايوارڊس ڏنا ويا. ڪانفرنس ۾ مھوش خان، شميم مري، تبسم ملاح، طيبه خان، ناھيد اختر،ثنا چنا، زيب النسا ملاح ، ڊاڪٽر فوزيا ڪيريو، بينظير رستماڻي، مھرين سنگراسي ۽ ٻين کي پڻ ايوارڊس ڏنا ويا…ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن جي دور ۾ نوجوان ڇوڪرين کي تمام وڏا چيلينجز آھن، پر ان باوجود نوجوان ڇوڪريون سماج ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رول ماڊل بڻجي رهيون آھن، ڊجيٽل ورلڊ ۾ ڪنھن به ملڪ جي تقدير صرف نوجوان ئي تبديل ڪري سگهن ٿا.ڪانفرنس کي آباد جي اڳواڻ انجنيئر غلام شبير ميمڻ، ماروي اعواڻ، ڪاروباري ۽ سماجي شخصيتن ، فرحين مغل، اسلم ديسوالي، مختيار قريشي،، ائڊوڪيٽ صائمہ آغا، شائستہ کوسو، ، اسسٽنٽ ڪمشنر امبر راجپوت، نصرت پروين سھتو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

Read Previous

اسمارٽ فون عورتن جي خوبصورتي جو دشمن

Read Next

فٽبال گرائونڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، 17 ڄڻا مرڻ جا اطلاع

Most Popular