فٽبال گرائونڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، 17 ڄڻا مرڻ جا اطلاع

ميڪسيڪو سٽي ۾ فٽبال ميچ دوران شوقين وڙهي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي وڃڻ ۽ 22 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

برطانوي خابرو اداري موجب ڇنڇر ڏينهن ميڪسيڪو جي فٽبال ليگ (ليگا ايم ايڪس) ۾ ڪوئريٽارو ۽ اٽلاس وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ دوران گرائونڊ ۾ موجود شوقين وڙهي پيا، جنهن سبب 63 منٽن ۾ ميچ ختم ڪئي وئي.

رپورٽن موجب رانديگرن به شوقينن وچ ۾ جهيڙو ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي پر شوقين هڪٻئي کي ڪُٽيندا رهيا.

واقعي ۾ 17 ڄڻا مارجي وڃڻ ۽ 22 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

هوڏانهن ليگ جي صدر آچر ڏينهن کيڏيون ويندڙ سڀ ميچون واقعي سبب معطل ڪري ڇڏيون آهن.

هن چيو ته اسٽيڊيم ۾ سيڪيورٽي جي ذميوارن کي مثالي سزا ڏني وڃي.

Read Previous

حيدرآباد ۾ فري جرنلسٽ فائونڊيشن طرفان يوٿ ڪانفرنس ۽ رول ماڊل يوٿ گرلس ايوارڊ جي تقريب

Read Next

الله جو قسم مخالف ڌر اميدوار کٽيو ته هڪ پئسو فنڊ نه ڏيندس: اعظم سواتي جي وڊيو وائرل

Most Popular