الله جو قسم مخالف ڌر اميدوار کٽيو ته هڪ پئسو فنڊ نه ڏيندس: اعظم سواتي جي وڊيو وائرل

تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ ريلوي واري وزير ۽ سينيٽر اعظم خان سواتي جي مخالف مڪاني اميدوارن کي کٽڻ جي صورت ۾ فنڊ نه ڏيڻ جي ڌمڪي جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو ۾ اعظم سواتي پي ٽي آءِ جي تعلقي چيئرمين جي اميدوار جي چونڊ مهم جي ميڙاڪي سان خطاب ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي سردار يوسف کي ساڍن ٽن سالن ۾ هڪ رپيو فنڊ نه ڏنو، پي ٽي آءِ اميدوار کانسواءِ ٻيو ڪو اميدوار ڪامياب ٿيو ته الله جو قسم کائي چوان ٿو ان کي هڪ پئسو نه ڏيندس.

اعظم سواتي ڌمڪي واري لهجي ۾ چئي ٿو ته منهنجي ڳالهه ڀلي نوٽ ڪيو ۽ ان کي ڪٿي به موڪلڻو آهي ته موڪلي ڇڏيو.

Read Previous

فٽبال گرائونڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، 17 ڄڻا مرڻ جا اطلاع

Read Next

عمران اسماعيل ۽ پرويز خٽڪ کي ڪاوڙيل ميمبر پرچائڻ جو ٽاسڪ

Most Popular