حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن: پرويز الاهي خبردار ڪري ڇڏيو

ق ليگ صدر ۽ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن.

پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي حڪومت پنجاب جي وزيرن سان ملاقات ڪئي، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب ق ليگ قيادت تحريڪ انصاف کي وڏو سياسي فيصلو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، پرويز الاهي چيو آهي ته حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن، هن وقت جيڪي سياسي حالتون آهن، انهن جو تقاضو آهي ته حڪومت اڳتي وڌي فيصلو ڪري، ڇو ته سياست ۾ جيڪو اڳ ۾ فيصلو ڪندو آهي، سرسي ان کي حاصل ٿيندي آهي.

سندس چوڻ هو ته ذري ذري تي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي، ان صورتحال تي مشورو به ٿي رهيو آهي ۽ رابطا به ٿي رهيا آهن.

واضح رهي ته پرويز الاهي حڪومت طرفان ڪجهه اخبارن ۽ ميڊيا هائوسز جا اشتهار بند ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو هو ته اشتهارن تي پابندي ظاهري طور پيڪا آرڊيننس کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي آهي، سرڪاري اشتهار عوام جو پئسو آهن، انهن کي مخصوص اخبارن ۽ چئنلن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.

هن وزيراعظم کي پنهنجي صلاحڪارن کي محتاط رکڻ جي صلاح ڏني هئي.

Read Previous

پي ٽي آءِ جون ڪيتريون ئي وڪيٽون ڪِري پيون، عليم خان ساٿين سوڌو ترين گروپ ۾ شامل

Read Next

66 هزار يوڪريني روس سان وڙهڻ لاءِ وطن موٽي آيا!

Most Popular