66 هزار يوڪريني روس سان وڙهڻ لاءِ وطن موٽي آيا!

يوڪرين جي بچاءَ واري وزير اوليڪسي ريزنيڪوف دعويٰ ڪئي آهي ته 66 هزار کان وڌيڪ يوڪريني مرد روس سان وڙهڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن کان وطن واپس موٽي آيا آهن.

روس پاران يوڪرين تي حملي بعد يوڪريني راڄڌاني ڪيف سوڌو ڪيترائي شهر روس جي قبضي هيٺ آهن.

ڪيترن ئي شهرن ۾ روسي فوج ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ هلندڙ آهي ۽ گذريل 10 ڏينهن ۾ 15 لکن کان وڌيڪ ماڻهو يوڪرين ڇڏي چڪا آهن.

پر هاڻي يوڪريني بچاءَ واري وزير دعويٰ ڪئي آهي ته 66 هزار کان وڌيڪ يوڪريني مرد روس سان وڙهڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان واپس وطن موٽي آيا آهن.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ ريزنيڪوٽ جو چوڻ هو ته 66 هزار 224 مرد ملڪ جي بچاءَ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان واپس وطن موٽي آيا آهن، هي انگ اسان لاءِ 12جٿن برابر آهي.

Read Previous

حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن: پرويز الاهي خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

مٽياري : ڏهه دري لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، ٻه ڄڻا شديد زخمي سول اسپتال حيدرآباد منتقل

Most Popular