مٽياري : ڏهه دري لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، ٻه ڄڻا شديد زخمي سول اسپتال حيدرآباد منتقل

مٽياري رپورٽر مٽياري ڀرسان ڏهه دري لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، ٻه ڄڻا شديد زخمي سول اسپتال حيدرآباد منتقل، خبر موجب. گذريل ڏينهن مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڏهه دري موري لنڪ روڊ تي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار عورت مسمات مينا زال جمعون کوسو فوت ٿي وئي، جڏهن ته نينگر طالب ۽ نينگري رقيا کوسو زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال مٽياري پهچايو ويو جتي طبي امداد ڏيئي کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ، پوليس موجب فوتي ۽ زخمين جو تعلق مٽياري ڀرسان ڳوٺ شهمير جي وسين سان آهي، جڏهن ته لوڊر رڪشا ڊرائيور عمران خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Read Previous

66 هزار يوڪريني روس سان وڙهڻ لاءِ وطن موٽي آيا!

Read Next

يوٽيوب جو واهپيدارن ۾ وڏي رقم ورهائڻ جو فيصلو

Most Popular