يوٽيوب جو واهپيدارن ۾ وڏي رقم ورهائڻ جو فيصلو

يوٽيوب هاڻي پنهنجي هڪ ٻي سروس استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي جهجها پيسا ڏيندو.

جيتوڻيڪ يوٽيوب ان جو باضابطا اعلان ناهي ڪيو پر ذريعن چيو آهي ته يوٽيوب مشهور پوڊ ڪاسٽر کي جهجهي رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن هو آواز تي ٻڌل پوڊ ڪاسٽ جي وڊيو ۽ ڊاڪيومينٽري ٺاهي سگهن.

خبرن موجب اها رقم 50 هزار ڊالر کان 3 لک ڊالرز تائين ٿي سگهي ٿي جيڪا انفرادي يا ڪنهن نيٽ ورڪ کي ڏني پئي وڃي.

هن رقم کي فلم ۽ وڊيو ٺاهڻ لاءِ ئي خرچ ڪرڻ جي اجازت هوندي جنهن ۾ ڪيمرا ۽ وڊيو ايڊيٽنگ جي سهولت به شامل آهي. اهو واضح آهي ته هي آڇ مشهور ۽ وڏن پوڊ ڪاسٽرز کي ڏني ويندي.

يوٽيوب وڊيو پليٽ فارم آهي پر ان تي ڪيترائي مشهور آڊيو پوڊ ڪاسٽر به جاري آهن. يوٽيوب آڪٽوبر کان ئي ان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو.

سڀ کان اڳ ڪينيڊا جي واهپيدارن کي ايپ کولڻ کانسواءِ آڊيو ٻڌڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي هئي.

ان کانپوءِ پوڊ ڪاسٽنگ جي ماهر ڪائي چوڪ کي ڀرتي ڪيو ويو آهي ۽ ان کي يوٽيوب تي آندو ويو. ٻئي پاسي اسپاٽيفاءِ به آڊيو کان وڊيو تائين جو سفر شروع ڪيو آهي.

Read Previous

مٽياري : ڏهه دري لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، ٻه ڄڻا شديد زخمي سول اسپتال حيدرآباد منتقل

Read Next

روس سان دوستي ”جبل جهڙي“ آهي: چين

Most Popular