روس سان دوستي ”جبل جهڙي“ آهي: چين

چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته روس سان اسان جي دوستي ”جبل جهڙي“ آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

گڏوگڏ هن يوڪرين تي روسي حملي بابت هڪ ڀيرو ٻيهر چيني پوزيشن واضح ڪندي چيو ته ڌريون ڳالهين جو رستو اختيار ڪن.

سندس چوڻ هو ته مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ سهڪار جا وڏي پئماني تي امڪان موجود آهن.

وانگ يي هڪ ڀيرو ٻيهر روس ۽ يوڪرين تي زور ڏنو ته اهي گڏيل اختلافن کي پرامن انداز سان حل ڪن، ڳالهيون ئي مسئلن جي حل جو بهترين رستو آهن.

هن چيو ته سمورن ملڪن لاءِ علائقائي خود مختياري جو احترام ۽ تحفظ ضروري آهي ۽ سڀني ڌرين جي جائز سيڪيورٽي خدشن جو حل ڳولڻ گهرجي.

Read Previous

يوٽيوب جو واهپيدارن ۾ وڏي رقم ورهائڻ جو فيصلو

Read Next

مهوش حيات کي سڀني جي سامهون ڇُهڻ جي ڪوشش، اداڪارا حيران

Most Popular