مهوش حيات کي سڀني جي سامهون ڇُهڻ جي ڪوشش، اداڪارا حيران

هڪ تقريب دوران فوٽو سيشن ڪرائيندي مداح مشهور اداڪارا مهوش حيات کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.

انسٽاگرام تي مهوش حيات جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس هڪ تقريب ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تقريب ۾ فوٽو سيشن دوران مهوش حيات جو هڪ مداح پاسي ۾ بيهي هٿ وڌائي کيس ڇهڻ جي ڪوشس ڪري ٿو جڏهن ته اداڪارا جي پٺيان بيٺل هڪ شخص مداح کي اها غيراخلاقي حرڪت ڪرڻ کان روڪي ورتو ۽ سندس هٿ پڪڙي ورتو.

مداح رد عمل ڏيندي مهوش حيات کي چيو ته مون کي اهو ڏسي حيراني ٿي رهي آهي ته ڪهڙي ريت فنڪارن کي سولائي سان ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

مهوش حيات چيو ته مون کي ان واقعي جي ڄاڻ نه هئي پر ريحان جي مهرباني جنهن مون کي اهڙي آزاد خيال مداح کان محفوظ رکيو.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي ريحان وٽان سکڻ گهرجي ته مرد ڪيئن هوندا آهن.

Read Previous

روس سان دوستي ”جبل جهڙي“ آهي: چين

Read Next

بسما جي ڌيءَ سان ڀارتي ڪرڪيٽرز جي محبت تي ٽنڊولڪر به خوش

Most Popular