پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، عليم خان خلاف ميدان ۾ اچي ويو.
عثمان بوزدار اعليٰ قيادت کي پيغام ڏنو آهي ته مان عليم خان کي وڏي وزير طور ڪڏهن به قبول نه ڪندس، مون کي وڏو وزير رهڻ ڏنو وڃي يا وري پرويز الاهي کي اهو عهدو ڏنو وڃي.
ذريعن موجب عثمان بوزدار قيات کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن پرويز الاهي چيو آهي ته وڏ وزارت لاءِ نالو تجويز ڪرڻ تي عثمان بوزدار جو ٿورائتو آهيان.