بسما جي ڌيءَ سان ڀارتي ڪرڪيٽرز جي محبت تي ٽنڊولڪر به خوش

اڳوڻو ورلڊ ڪلاس بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر به پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسما معروف ۽ سندس ڌيءَ جي ڀارتي وومين ٽيم سان گڏ وائرل تصوير تي تبصري کانسواءِ نه رهي سگهيو.

بسما معروف جون 5 مهينن جي ڌيءَ سان گڏ گرائونڊ تي اچڻ جون تصويرون گذريل ڏينهن وائرل ٿي ويون هيون، جڏهن ته ڀارتي رانديگرياڻيون به بسما معروف جي ڌيءَ سان کيڏندي ۽ ساڻس پيار ڪندي نظر آيون.

ڀارت جي ليجنڊ بيٽسمين ۽ اڳوڻي ڪپتان سچن ٽنڊولڪر به ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي خوبصورت تبصرو ڪيو آهي.

Read Previous

مهوش حيات کي سڀني جي سامهون ڇُهڻ جي ڪوشش، اداڪارا حيران

Read Next

عثمان بوزدار عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار، نئون وڏو وزير ڪير هوندو؟

Most Popular