نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو

پ پ اڳواڻ نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو.

اليڪشن ڪميشن طرفان نااهل قرار ڏنل تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا جي خالي سيٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

بائيڪاٽ جي اعلان باوجود تحريڪ انصاف جي ميمبرن به ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نثار کهڙو 99 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، سينيٽ الڪيشن ۾ 101 ووٽ وڌا ويا، جن مان ٻه رد ٿيا.

Read Previous

مريم نواز جي شاعراڻي انداز ۾ وزيراعظم تي ٽوڪ

Read Next

واٽس ايپ ۾ آءِ فون وارو فيچر اچي ويو

Most Popular