اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو آهي ۽ صوبي ۾ مڪاني چونڊون مئي 2022 ۾ ڪرايون وينديون.

اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سنڌ ۽ اليڪشن ڪميشن جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سنڌ ۾ حتمي تڪ بندي 24 مارچ 2022 تي شايع ڪئي ويندي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن قلم (3) 219 تحت چيف سيڪريٽري کي دعوت ڏني آهي ته جيئن سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان تاريخ مقرر ڪئي وڃي.

چيف سيڪريٽري سنڌ تجويز پيش ڪئي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٻن مرحلن ۾ ڪرائي وڃي.

ان بعد اليڪشن ڪميشن ۽ چيف سيڪريٽري جي مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پهرئين مرحلي جون چونڊون مئي 2022 جي آخري هفتي ۾ ٿينديون.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پهرين مرحلي جي چونڊن جي حوالي سان ضلعن جا تفصيل فوري طور تي اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ ضروري قدم کڻي.

واضح رهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو مدو 30 آگسٽ 2020 تي ختم ٿي ويو هو، جنهن بعد 120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ ضرور هو پر ائين نه ٿي سگھيو.

Read Previous

”پوليس ڪِرندڙ حڪومت جي سهولتڪار بڻجڻ کان پاسو ڪري“

Read Next

جنرل باجوا، فضل الرحمان کي ڊيزل چوڻ کان روڪيو آهي: وزيراعظم

Most Popular