”پوليس ڪِرندڙ حڪومت جي سهولتڪار بڻجڻ کان پاسو ڪري“

مريم نواز

اسلام آباد پوليس پاران پارليامينٽ لاجز ۾ آپريشن ۽ ان جي نتيجي ۾ جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر جي گرفتاري تي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو رد عمل به سامهون اچي ويو آهي.

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اسلام آباد پوليس کي عمران خان جي ڪِرندڙ حڪومت جو سهولتڪار بڻجڻ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي، چريائپ تي ٻڌل ڪارروائين جو الزام پاڻ مٿان کڻڻ مناسب ناهي، نقصان کڻڻو پوندو.

ياد رهي ته پارليامينٽ لاجز ۾ جميعت علماءِ اسلام (جي يو آ) جي محفاظ دستي انصارالاسلام جي ڪارڪنن جي موجودگي تي اسلام آباد پوليس آپريشن ڪري ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون آهن.

Read Previous

يوڪرين جنگ ۾ 5 سئو کان وڌيڪ شهري مارجي ويا، لکين دربدر

Read Next

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular