پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 240 رپيا هجڻ گهرجي: شوڪت ترين

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت پيٽرول جي قيمت 240 رپيا هجڻ گهرجي.

لاهور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته سپلاءِ چين ڪورونا سان ڊسٽرب ٿي، ڏکيائيون وڌيون، اسان زراعت جي 5 کان 6 سيڪڙو گروٿ چاهيون ٿا، اسان جي ناڻي جي پهچ ۽ گروٿ سان بهتري ايندي، حالتون ٺيڪ رهنديون.

هن چيو ته اسان وٽ 4 مهينن جا ريزور آهن، اسان جو مسئلو رڳو مهانگائي آهي، پيٽرول جا اگهه گهٽ ٿيڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا، جڏهن ته هن وقت پيٽرول جي قيمت 240 رپيا هجڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته معيشت پنهنجي پيرن تي بيهندي، اسان چين کي زراعت جي شعبي ۾ مدد ڪرڻ جو چيو آهي، اسان چين کي ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري لاءِ به چيو آهي.

شوڪت ترين چيو ته اسان لکين ماڻهن جي ڪمائي ۽ ٽيڪس بابت رڪارڊ گڏ ڪيو آهي، هاڻ اهي ٽيڪس چوري کان نٿا بچي سگهن.

Read Previous

جنرل باجوا، فضل الرحمان کي ڊيزل چوڻ کان روڪيو آهي: وزيراعظم

Read Next

ڪنڊيارو 22 هين سالياني سخي حاجي ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو فري گائني سرجيڪل ڪئمپ

Most Popular