ن ليگ جو شاهراهه دستور تي 20 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو اعلان

ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال بي اعتمادي واري ڏينهن شاهراهه دستور تي 20 لک ماڻهن جي جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته بي اعتمادي رٿ ڪنهن سياسي تبديلي لاءِ نه عوام لاءِ آهي، اڄ حڪومت جيڪو ملڪ جو حشر ڪيو آهي، جيڪڏهن ان کي گهر نه موڪليو ويو ته ملڪ ٻيهر سڌي رستي تي آڻڻ ڏکيو ٿي ويندو.

هن چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ۽ آئين ۽ عوام جي مفاد جي تحفظ لاءِ حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ متحد آهن، ملڪ مان ٻاهرين سيڙپڪاري ڀڄي وئي آهي، اڄ سڄو انتظامي ڍانچو مفلوج ٿي چڪو آهي، 4 سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ به پاڪستان جي معيشت ناڪام آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران نيازي 20 هزار ارب رپين جو قرض وٺي چڪو آهي، سڀ قرض خسارو پورو ڪرڻ جي ڏٽي ۾ ورتا ويا، جيترا اسڪينڊل هن حڪومت ۾ آيا، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن نه آيا، پي ٽي آءِ ڪرپشن ۾ زور آهي، ڇو ته سموري مافيا جا نمائندا ڪابينا ۾ ويٺا آهن ۽ هر مافيا عمران خان جي ڊونر آهي.

Read Previous

اپوزيشن جو اسد قيصر ۽ قاسم سوري خلاف به بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

Read Next

”تاريخ ۾ ايڏو پريشان وزيراعظم ناهي ڏٺو، ڊڄڻو عمران خان سڀني کي گاريون پيو ڏئي“

Most Popular