اپوزيشن جو اسد قيصر ۽ قاسم سوري خلاف به بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

اپوزيشن سينيٽ چيئرمين کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف به بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

رٿ جو مسودو اپوزيشن قيادت کي اماڻيو ويو آهي، جنهن تي 100 کان وڌيڪ صحيحون به ٿيل آهن.

رٿ جي مسودي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر تي ڌر هجڻ جو الزام هڻندي لکيو ويو آهي ته ٻنهي اڃا تائين پارٽي عهدن تان به استعيفيٰ ناهي ڏني، ٻئي ايوان کي پنهنجي پارٽي جي هدايتن موجب هلائي رهيا آهن ۽ ٻئي اڻ ڌريا رهڻ بدران ڌر بڻجندا رهيا.

مسودي موجب اسد قيصر ۽ قاسم سوري وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاسن ۾ به شريڪ ٿيندا رهيا آهن.

سومر تي اپوزيشن جي سربراهي اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر بابت فيصلي جو امڪان آهي.

اپوزيشن پارٽين سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف به بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Read Previous

قوم حڪومت ڪِرڻ بدران 3 ڪوئا شڪار ٿيندي ڏسندي: وزيراعظم

Read Next

ن ليگ جو شاهراهه دستور تي 20 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو اعلان

Most Popular