حڪومت کي ڪو مسئلو ناهي، اسان جا نمبر پورا آهن: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي بابت ڪا پريشاني ناهي ۽ صورتحال اطمينان جوڳي آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم حڪومتي حڪمت عملي کي ڪور ڪميٽي ۾ اعتماد ۾ ورتو.

وفاقي وزير اسد عمر اتحادي جماعتن سان رابطن، جڏهن ته صلاحڪار بابر اعواڻ قانوني نڪتن تي بريفنگ ڏني ۽ صوبائي صدرن پارٽي جي تنظيمن معاملن کان آگاهه ڪيو.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي تڪڙ ناهي، حڪومت کي ڪو مسئلو ناهي، اتحادي گڏ ئي آهن، اسان جا نمبر پورا آهن، اسان جي ميمبرن کي ڪروڙين رپين جي آڇ ٿي، کين دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ پئسو پهچائڻ جي آڇ ڪئي پئي وڃي.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي سان ڪا پريشاني ناهي، صورتحال اطمينان جوڳي آهي، اسان جون سموريون تياريون مڪمل آهن، مشاورت سان فيصلا ڪيا ويندا.

ڪور ڪميٽي جارحاڻي پاليسي جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي چيو ته ڪرپٽ ٽولي کي عوام اڳيان وائکو ڪيو ويندو، حڪمران جماعت سڄي ملڪ ۾ سياسي جلسا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.

هوڏانهن وزيراعظم جي اٽارني جنرل سان به ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

Read Previous

بي اعتمادي رٿ: ن ليگ جو ترين گروپ سان رابطو

Read Next

وفاقي حڪومت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ق ليگ سان رابطو

Most Popular